آڏواڻي رام ڪرشن ھيرانند راھي

آڏواڻي،رام ڪرشن ھيرانند ”راھي“: ليکڪ، صحافي ۽ نقاد، پهرين جولاءِ 1924ع ۾ سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، تعليمي حوالي سان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڀارت جو بلوو عرف آزاديءَ جي يڌ 1940ع“ ”گيان گنج“ ۽ ”ايشور ڌيا ۽ آنند ڀاء“ شامل آھن. ورھاڱي کان اڳ حيدرآباد ڪاليج جي رسالن ”ڦليلي“ ۽ ”تصوير“ جو ايڊيٽر ٿي رھيو، بعد ۾ ھفتيوار ”ھند واسي“ جي آخرين صفحن جو ايڊيٽر رھيو، ان کان علاوه روزاني ”ھندستان“ ۽ ھفتيوار ’ھند واسي“ جو 1957ع دوران عارضي جنرل مئنيجر پڻ رھيو، سنڌيت جي ھلچل ۾ ڪيترن ئي نون ليکڪن، شاعرن ۽ ڪلاڪارن جي تخليق کي ھفتيوار ”ھند واسي“ ۾ شايع ڪري کين اتساھيو، ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ لکيائين، آل انڊيا ريڊيو ممبئيءَ تان سنڌي پروگرام شروع ڪرائڻ ۾ خدمتون ڏنائين، سنڌي فلمن جھڙوڪ ”اباڻا“، ”راءِ ڏياچ“ ۽ ”انصاف ڪٿي آھي“ کي مڪمل ڪرائڻ ۾ بھرو ورتائين، جڏھن ته پريس آف انڊيا جي گورننگ ڪائونسل ۽ پريس ڪلب سنسٿائن جو ميمبر رھيو. سندس ديهانت 19 فيبروري 2008ع تي ممبئيءَ ۾ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.07.01  عيسوي

آڏواڻي ، رام ڪرشن ھيرانند ” راھي “ پهرين جولاءِ 1924ع ۾ سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


2008.02.19  عيسوي

آڏواڻي ، رام ڪرشن ھيرانند ” راھي “ 19 فيبروري 2008ع تي ممبئيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي اظهر
ديوان واڌومل اُڌارام
قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي
ثابت بن دحداح
شگفته جماڻي
سريچند پنجومل صابلاڻي
اچل پرساد سوامي
سيف الله ابڙو
ظفر لغاري
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون